بغداد – 07 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪربلا جي ??ورنر نصيف جاسم الخطابي عراق جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقا?? ۾ ??ڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين جي لاءِ عراق ۾ سهولتن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستاني زائرين جي لاءِ عراق ۾ سهولت مرڪز قائم ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري اربعين ۽ عاشور جي ??ينهن ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرز ۽ پيرا??يڊ??ڪس عراق موڪلڻ جي آڇ پڻ ڪئي.