اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آ??ي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??نص??اڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 4 جون تي جارحيت جو ش??ار معصوم ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي ڪشميري ٻارن جي خراب حالت جي ياد ڏياري ٿو جيڪي ڀارتي فوج جي مسلسل گهيراءُ ۽ وحشياڻي ڏاڍ جي ڪري مسلسل مشڪلاتن جو ش??ار آهن. ترجمان چيو ته ڪشميري ٻارن جي هڪ پوري نسل خوف، تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ وڏي ٿي آهي، ڪشميري يتيم ٻار معاشي مشڪلاتن، اڪيلائپ ۽ نفسياتي صدمي جو پڻ ش??ار آهن. هن چيو ته ڀارتي فورسز پاران پيلٽ، گولين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن سان هڪ وڏي انگ ۾ شاگرد ٻار زخمي ٿيا، انهن مان ڪيترائي اکين جي نور کان مڪمل يا جزور طور تي محروم ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن ڀارت تي زور ڏنو آ??ي ته هو ٻارن جي تحفظ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري جن ۾ ٻارن جي خلاف ڇَرن جو استعمال بند ڪرڻ پڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو ان مطالبي تي عمل ڪري ۽ ڪشمير جي ٻارن کي تشدد، بي گهر ٿيڻ ۽ صدمي کان ??چائي. ترجمان ??ن عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو ته پاڪست??ن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??نص??اڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.