اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي ??جيٽ ۾ ??رڪ??ري شعبي جي ??رقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پاڻي وسيلن واري ڊويزن جي پاڻي شعبي جي ??اري مختلف اسڪيمن تي 83 ارب 44 ڪروڙ 75 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويندا. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ گوادر ضلعي ۾ بسول ڊيم جي ??عمير لاءِ 3 ارب 27 ڪروڙ 38 لک رپيا، آواران ڊيم جي لاءِ 3 ارب، پنجگور ڊيم جي لاءِ 2 ارب 50 ڪروڙ، وندر ڊيم جي لاءِ 2 ارب رپيا، ديامير ڀاشا ڊيم جي لاءِ 25 ارب رپيا، ڪي – فور سپلائي اسڪيم جي لاءِ 15 ارب 50 ڪروڙ رپيا، مهمند ڊيم جي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپيا، بلوچستان جي مختل?? علائقن ۾ 100 ڊيمن جي ??عمير لاء?? هڪ ارب رپيا ۽ ڪرم تنگي ڊيم جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.