اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو. پيرس ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير، اع??يٰ فرانسيسي عملدارن ۽ پاڪستاني س??ار??خاني جي عملدارن وزيراعظم جو شاندار ??ستقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري جي دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. فرانس جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ان سربراهي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير شيري رحمان، سردار ??ياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان اع??يٰ سطحي وفد ۾ گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم فرانسيسي صدر پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.