مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مڪ?? روٽ قدمن تحت هلندڙ سال حج لاءِ 7 ملڪن جي 2 لک 42 هزار 272 کان وڌيڪ ??ج پانڌيئڙن کي اسان سفري سهولتون فراهم ڪيون ويون. حج پانڌيئڙا ان سهولت ذريعي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ مديني منو??ه جي شهزاده محمد بن عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 667 اڏامن ذريعي پهتا. پاڪستان، مراڪش، انڊونيشيا، ملائيشا، بنگلاديش، ترڪي ۽ پهريون ڀيرو ڪوٽڊي آئيوري سميت مختلف ملڪن کان سعود?? عرب آيل سمورن حج پانڌيئڙن جي ڪامياب آمد کانپوءِ ان قدم تحت هلندڙ سال لاءِ مينڊيٽ مڪ??ل ڪيو ويو آهي. ان قدم ذريعي اليڪٽرانڪ ويزا جاري ڪرڻ، بايوميٽرڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ، روانگي وقت هوائي اڏي تي سفر بابت سمورن طريقيڪار کي اڪلائڻ ۽ سامان جي تيزي سان ڪليئرنس کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي پريس ايجنسي موجب سعود?? عرب پهچڻ تي حج پانڌيئڙن کي بسن ذريعي مڪ?? شريف ۽ مديني شريف ۾ سندن رهائشگاهن تائي?? سڌو سنئون پهچايو ويو.