اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته اسان جي مسئلن جو حل معاشي پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۾ آهي، ملڪ جي معاشي ??رق?? اسان جي ڪاروباري برادري جي ڪارڪردگي ۽ پيداوار سان ڳنڍيل آهي. قومي ??رق?? بابت منهنجو تصور حصيداري سوچ سان جُڙيل آهي جنهن ۾ سموريون ڌريون پنهنجو حصو وجهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ ڪراچي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل سان ملاقاتن دوران واپاري برادري سان ڳالهه ٻولهه ۾ منهنجو پ??غام اهو هو ته جيتوڻيڪ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها هڪ سازگار ماحول ۽ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري، پر ملڪ جي معاشي ??رق?? اسان جي ڪاروباري برادري جي ڪارڪردگي ۽ پيداوار سان ڳنڍيل آهي. واپار ۽ صنعت جي اڳواڻ هجڻ جي ناطي انهن ??ي ڪاروبار، جدت ۽ جرئتمداڻي سوچ جي ذريعي معيار کي بلند ڪرڻ ۽ وسيع اقتصادي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي 16 مهينن دوران معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ، مالياتي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي فريم ورڪ تحت اقتصادي تبديلي جي لاءِ سنگ بنياد رکڻ جي لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو. هن ??يو ته ان حقيقت کان انڪار نه آهي ته اسان جي ڪاروباري برادري سنگين مشڪلاتن جي باوجود ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي چئلينجن کي منهن ??يندي انهن جي عزم ۽ حوصلي تي اسان کي فخر آهي.