اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪيو، ابوظهبي ۾ هن گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئ?? ۽ ??يخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو جيڪو 27 جولاءِ تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? ۽ ??طي ۾ ٿيندڙ علائقائ?? ۽ ??المي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفارميشن ??يڪ??الاج?? ۽ ??نفراسٽرڪچر سميت ٻطرفي گهڻ رخي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن گڏيل طور تي مفيد اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهه ??ول??ه ڪندي شيخ عبدالله بن زايد النهيان گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي اڻٿڪ تعاون کي ??اراهيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير دبئي ۾ مادام تسائو ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ميڻ جي مجسمي جي نقاب ڪشائي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم طور محترمه بينظير ڀٽو جي نمايان ڪارنامن جو ذڪر ڪيو جنهن سڄي دنيا ۾ نوجوانن، عورتن ۽ جمهوري تحريڪن کي متاثر ڪيو.