اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، راندي?? جون سرگرميون نوجوانن کي مثبت طريقي سان پنهنجون توانائيون استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا، حڪومت پاڪستان ۾ اسپورٽس جي ترقي ۽ راندين جي فروغ لاءِ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي، حڪومت اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، اولمپڪ وليج قومي منصوبو آهي، اولمپڪ وليج جي تعمير جي لاءِ ڪارپوريٽ اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي ۽ ان جي تعمير جي نگراني ماهر ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيال?? جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ اولمپڪس وليج جي تعمير تي اج??اس جي صدارت دوران ڪيو. اج??اس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ مارگلا جي دامن ۾ 1200 ڪينال تي اولمپڪس وليج تعمير ڪيو ويندو. اولمپڪس وليج ۾ ?سلاٹ_گیم/117401.html">?ال??ي معيار جي راندي?? جون سهولتون جن ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي، ?سلاٹ_گیم/117401.html">?ال??م ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، هاڪي گرائونڊ، ٽينٽ پيگنگ، ايٿليٽڪس اسٽيڊيم، ان ڊور اسپورٽس، انٽرنيشنل هوٽل ۽ پارڪنگ سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اولمپڪس وليج جي تعمير جي لاءِ 3 ارب رپي?? جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وزيراعظم اولمپڪس وليج جي تعمير ۾ شفافيت جي عنصر کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.