اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ دولت مشت??ڪه جي يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي صدارت ڪئي. دولت مشت??ڪه جي 45 کان وڌيڪ ملڪن جي يوٿ منسٽرز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جيڪو دولت مشت??ڪه پاران 2023ع کي ”نوجوانن جي سال“ طور ملهائڻ جي هڪ حصي طور منعقد ڪيو ويو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس جي صدارت ڪندي ن??ران پرڏيهي وزير عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي ترتيب ڏيڻ ۾ دولت مشت??ڪه جي ڪردار تي زور ڏنو. هن چيو ته دولت مشت??ڪه جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن. شرڪت ڪندڙن نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ غور ڪيو ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور ادراڪ ڪري سگهن. نگران پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان حڪومت جي فليگ شپ يوٿ پراجيڪٽ ”پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام“ بابت ٻڌايو جنهن 10 سال مڪمل ڪري ورتا آهن. نگران پرڏيهي وزير چيو ته هي پروگرام ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام جي چار اي ايس تحت طئي ٿيل مقصدن سان ويجهي هم آهنگ رکي ٿو، يعني مشغوليت، تعليم، روزگار ?? ماحوليات. پاڪستان حڪومت فور ايز مان هر هڪ تحت مخصوص واعدا ڪندي 80 ارب رپين جا منصوبا مخصوص ڪري موجوده مالي سال جي لاءِ نوجوانن جي ترقي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اجلاس جي موقعي تي ن??ران پرڏيهي وزير دولت مشت??ڪه جي سيڪريٽري جنرل ۽ سريلنڪا، روانڊا، جميڪا ۽ ساموا جي يوٿ منسٽرز سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. نگران پرڏيهي وزير دولت مشت??ڪه جي سيڪريٽري جنرل، لنڊن جي ميئر ۽ لنڊن ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن پاران ڏنل آ??يا??ي ۾ پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس جي جڳهه تي روايتي ٽرڪ آرٽ اسڪوٽرز ۽ بليو مٽيءَ جي ٿانون ۾ پاڪستان جي متحرڪ رنگن ۽ ڊيزائنن جي شاندار نمائش ڪئي وئي جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو. بيان موجب پاڪستان دولت مشت??ڪه کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تنظيم سان پنهنجُون ويجهيُون مصروفيتون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.