اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي لاءِ آسٽريا ۽ ٻي?? يورپي ملڪن ۾ ملڪ جي مثبت ت??خص کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آسٽريا جي لاءِ نامزد سفير آفتا?? احمد ??وک?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.