اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀا??ت پاران عدالت کي ناليواري ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏيڻ جي مطالبي جي تازه ترين قدم تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته گذريل سال محمد ياسين ملڪ کي هڪ تڪراري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ان تي هٿ ٺوڪيا الزام هنيا ويا ۽ ان کي منصف??ڻي ٽرائل کان انڪار ڪيو ويو هو. ترجمان ??يو ته اهم ڪشميري اڳواڻ کي خراب ٿيندڙ صحت جي باوجود بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرانساني حالتن ۾ رکيو ويو آهي. هن ??يو ته محمد ياسين ملڪ کي خاندان جي ماڻهن ۽ وڪيلن تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ کيس معياري صحت جي علاج کان محروم رکيو پيو وڃي. ترجمان ??يو ته ڀا??ت جو تازو قدم سياسي انتقام جو هڪ ٻيو مثال آهي جنهن جو مقصد ڪشميري قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي ڊي??ارڻ آهي. هن ??يو ته اهو قدم ڀا??ت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??ت جي نه ختم ٿيندڙ ۽ وسيع ڏاڍ جو مظهر آهي جتي سياسي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن کي هٿ ٺوڪيي ۽ بي بنياد الزامن تحت قيد ڪيو وڃي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته اسان ڀا??تي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي محمد ياسين ملڪ جي خلاف فرضي ڪيس کي ختم ڪن. هن ??يو ته ڪشميري اڳواڻ کي معياري علاج فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي پنهنجي ماڻهن ۽ خاندان جي وچ ۾ آزاد??ڻي طور تي رهڻ ڏنو وڃي. ترجمان پاڪستان جي ان مطالبي کي پڻ ورجايو ته ڀا??ت کي ڪشميري قيادت ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي پڻ فوري ۽ غيرمشروط طور تي آزاد ڪرڻ گهرجي جن کي ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀا??ت جي جيلن ۾ بنا جواز قيد ۾ رکيو ويو آهي.