اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جي صلاحيت مان فائدو کڻي پنهنجي اقتصادي صورتحال بدلائي سگهي ٿو، سي پيڪ منصوبي سان ملڪ جي لاءِ ترقي جون نيون راهون کليون آه??، ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيا، بي آر آئي منصوبي سان نه رڳو چين، پاڪستان پر پورو خطو ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي جي ٽي اين ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چي?? ته آئون اميد ڪريان ٿ?? ته پاڪستان بي آر آئي قدمن سان ان سفر ۾ هڪ اهم حصيدار هوندو، پاڪستان کي بي آر آئي سان تمام گهڻو فائدو ملي سگهي ٿو، هي هڪ موقعو اسان جي دروازي تي دستڪ ڏئي رهيو آه??، چيني صدر ان موقعي کي حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهيو آه?? ۽ اميد آه?? ته اسان ان منصوبي مان مڪمل فائدو کڻنداسين. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ گوادر پورٽ، سي پيڪ روٽ ۽ فضائي رابطن کا??سو??ءِ توانائي جا منصوبا شامل آه??، سي پيڪ جي شروعات کان اڳ پاڪستان کي توانائي جي کوٽ درپيش هئي جڏهن ته ميگا منصوبن تحت اٽڪل 8 هزار ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي. نگران وزيراعظم چي?? ته سي پيڪ تحت منصوبن سان عام ماڻهن خاص طور تي بلوچستان صوبي سان تعلق رکندڙن ۾ ان جا مثبت نتيجا سامهون آيا آه??، اميد آه?? ته ٻئي مرحلي ۾ خصوصي اقتصادي زونز، صنعتي شعبي جي تبديلي ۽ اسٽريٽجڪ جي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو، ان سان پاڪستان ۾ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ انفراسٽرڪچر ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. نگران وزيراعظم چي?? ته بي آر آئي عالمي رابطي، سامونڊي ۽ زميني رابطن کي ان حد تائين وڌائڻ ۾ مددگار ٿيندو جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ نه ٿو ملي. هن چين جي علائقي سنڪيانگ جي پنهنجي تازي دوري جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌاي?? ته پاڪستان جي اترئين علائقن گلگت بلتستان سان ڳنڍيل علائقو هجڻ جي ڪري سنڪيانگ پاڪستان جي لاءِ اهم آه??، اسان ان رابطي جي ذريعي نه رڳو هن خطي پر پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ پڻ سياحت کي فروغ ڏئي سگهون ٿا. هن چي?? ته چين سلامتي، سياست ۽ معيشت جي شعبن ۾ پاڪستان جو فطري ۽ اعتماد جوڳو اتحادي آه??. هن ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا، عوامي سطح تي رابطن، سياحت ۽ ٻنهي ملڪن جي ميڊيا هائوسز جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ميزبان نگران وزيراعظم کي ياد ڏياري?? ته انهن جي چيني ميڊيا گروپ تازو ئي پاڪستان جي خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان گڏيل تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آه?? جنهن تي نگران وزيراعظم چي?? ته اهو هڪ اهم معاهدو آه?? ڇ?? ته مختلف ميڊيا ذريعن ۽ ثقافتي ادارن جي لاءِ ڊيجيٽل، اليڪٽرانڪ اسپيس ۽ مواد جي تخليق جي لاءِ اسٽريٽجڪ موقف جي ضرورت آه??. نگران وزيراعظم چي?? ته شي جن پنگ هڪ دانشمند انسان آه??، سندس قيادت ۾ اسان کي ترقي جون وڌيڪ منزلون حاصل ڪرڻ گهرجن، اسان سندس تجربي مان فائدو کڻڻ جا خواهشمند آه??ون.