اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي ??ابطا ڪميٽي (اي سي سي) وفاقي حڪومت جي صحت واري شعبي جي ملازمن ??ي رسڪ الائونس (هڪ پگهار جي برابر) جي ادائيگي لاءِ 480.556 ملين روپين جي منظوري سميت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي ??ابطا ڪميٽي ڪامياب جوان پروگرام جي اهم شرطن ۾ تبديلي جي منظوري به ڏني آهي، هاڻي ان پروگرام تحت هڪ لک کا?? وٺي 10 لک روپين تائين، 10 لک روپين کا?? وڌيڪ هڪ ڪروڙ روپين تائين ۽ هڪ ڪروڙ کا?? وٺي اڍائي ڪروڙ تائين جو قرض فراهم ڪري سگهبو. اجلاس ۾ ٽو ۽ ٿري وهيلز ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني وئي آهي، اقتصادي ??ابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.