ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪي به اختلاف نه آهن، ان ۾ ڪجهه بي ضا??طگيون آهن جن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه شيون 18 هين ترميم تحت صو??ن کي منتقل ڪيون ويون جيڪي مرڪزي حڪومت وٽ رهڻ گهرجن ها، سمورن صو??ن جي مشاورت سان انهن بي ضا??طگين کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ??خت??ف مقامي نيوز چينلز ۽ اخبارن سان واڳيل سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي قدمن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته شروع ۾ ئي اين سي او سي جا اجلاس باقاعدگي سان ٿي رهيا آهن ۽ سمورن صو??ن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي. هن چيو ته شروع کان ئي آئون سخت لاڪ ڊائون هڻڻ جي خلاف هئس ڇو ته مون کي مزدور طبقي خاص طور تي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو فڪر هو.