اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? ميڊيڪل يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته هو نرسنگ پروگرامن تي ڌيان ڏين ۽ نرسنگ جي شاگردن جي ت??داد ۾ اضافو ڪن ته جئين ملڪ ۾ نرسز جي کوٽ پوري ٿي سگهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينٽ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. صدر ميڊيڪل يونيورسٽين تي زور ڏنو ته هو شاگردن جي ت??ليم جي معيار کي بهتر بڻائين ۽ غير ملڪي شاگردن کي به مائل ڪن، ايوان صدر مان جاري بيان موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق صدر کي طب جي ت??ليم لاءِ يونيورسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني.