اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، رياست جو چوٿون ٿنڀ هجڻ جي حيثيت سان ميڊيا جو معاشري ۽ حڪ??مت?? قدمن تي عوامي راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ سڌارن، حڪومت پاران شروع ڪيل عوامي ڀل??ئي جي منصوبن، معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي ڏس ۾ پر??س انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ڪردار ۽ مستقبل جي حڪمت علي تي بريفنگ وٺندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، شهباز گل، اطلاعات واري سيڪريٽري زاهده پروين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.