اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پهرين اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي، وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) کي انتظامي ۽ پاليسي سا?? لاڳاپيل معاملن کان جدا ڪرڻ، بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙن جي لاءِ 2 ڏينهن جي فيس معافي، پاسپورٽ جي شرط هڪ سا?? لاءِ ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، سياحن جي لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي جي لاءِ ??وج??ده پاليسي تي نظرثاني ڪئي ويندي، ميجر جنرل محمد عامر حميد کي رينجرز پنجاب جو ڊي جي مق??ر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪي معيشت جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي وئي.