اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پمز آئسوليشن سينٽر جي ڪمرن جو تعداد وڌائي 30 ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي آ??سوليشن سينٽر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پمز اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن ج?? لاءِ آئسوليشن سينٽر جا انتظام اطمينان بخش آ??ن، هن چيو ته آئسوليشن سينٽر جي ڪمرن جو تعداد 10 مان و??ائي 30 ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين سهولتن ۾ به اضافو ڪيو پيو وڃي.