اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ح??وم?? مالياتي ڊسپلين کي قائم رکندي سخت انداز ۾ ح??وم??ي خرچن کي گهٽ ڪيو ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرائمري بيلنس مثبت ٿي ويو آهي، معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ وسيلن جي فراهمي وزيراعظم عمر??ن خان جو ويزن آهي، انهي ويزن تحت ح??وم?? احساس پروگرام جي بجيٽ ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو، ح??وم??ي قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس آمدن?? ۾ 17 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪڏهن وبا نه پکڙجي ها ۽ اهڙي طرح ئي معاملا هلن ها ته ٽيڪس آمدني ۾ 27 سيڪڙو اضافي جو امڪان هو، اوڳاڙيون گڏ ڪرڻ ۾ 750 کان وٺي 800 ارب رپين جي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جي ڊي پي جي واڌويجهه جي ش??ح منفي ٻُڙي ڏهائي چار سيڪڙو رهي، صنعت جي ترقي به منفي ٻه ڏهائي چار سيڪڙو آهي، زراعت ٻه ڏهائي ڇهه سيڪڙو، خدمتن جو شعبو منفي ٽي ڏهائي چار سيڪڙو، ٽرانسپورٽ منفي ست ڏهائي هڪ سيڪڙو ۽ مينوفيڪچرنگ جي ش??بي جي ڪارڪردگي منفي ٻاويهه ڏهائي نو سيڪڙو رهي، مالي خسارو جي ڊي پي جو چار سيڪڙو رهيو. قومي اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ايف بي آر جي چيئرپرسن نوشين جاويد امجد ۽ ناڻي واري سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ح??وم?? کي اقتصادي بحران ورثي ۾ مليو هو، اقتدار سنڀالڻ وقت روانگي واپار ۾ جمود هو، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا رڳو 9 ارب ڊالر رهجي ويا هئا، ح??وم?? جي لاءِ معيشت کي هلائڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان تي قرضن جو بار 30000 ارب رپين تائين پهچي ويو. انهن مشڪل حالتن ۾ ح??وم?? مالياتي نظم ۽ ضبط کي برقرار رکندي مشڪل فيصلا ڪيا، ح??وم?? روانگي واپار جي فرو?? تي ڌيان ڏنو، ان مقصد جي لاءِ روانگي واپار جي ش??بي کي مراعتون ڏنيون ويون.