اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اتر ويرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽور??ٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن ج?? شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صادق سنجراڻي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪند?? شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين شهيد لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي عزيز ا??غر ۽ سپاهي قاسم مقصود کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو.