اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير وزيرا??ظم کي سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن ۽ نگران حڪومت کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ وزيرا??ظم سنڌ جي نگران وڏي وزير کي انتظاميا معاملن کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ نگران وزيرا??ظم ۽ نگران وڏي وزير آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل تعاون ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.