اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ۾ ٿين??ڙ دهشتگرد حملي کي قابل مذمت ۽ بزدلاڻو قرار ڏيندي ان ۾ معصوم انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي قوم دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ ل??ءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان ان لعنت کي ٻيهر ڪر کڻڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ ل??ءِ چوڪس آهيون.