اسلام آب??د – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب بار ڪائونسل جي وفد جي ملاقات ڪئي. پنجاب بار ڪائونسل پنهنجون چونڊون بايوميٽرڪ طريقي سان ڪرائڻ لاءِ حڪومت کان سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت پنجاب بار ڪائونسل کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي سهولت فراهم ڪندي. وڪيل برادري کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي باري ۾ ڊ??ڪٽر بابر اعواڻ ۽ علي ظفر سان گڏ بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته حڪومت ۽ وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيان، وڪيلن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهي?? آهيون، هن چيو ته ينگ لائيرز کي ??ام??اب جوان پروگرام تحت 10 لک روپين تائين قرض فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهي?? آهيون.