اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ف??تگ??ون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 67 ف??تگ??ون ٿيون جنهن مان 33 ف??تگ??ون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 482 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 37 سيڪڙو، صوابي ۾ 37 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 53 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 625 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 529، پنجاب ?? 20 هزار 903، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 110، اسلام آباد ۾ 5 هزار 273، بل??چستان ۾ هڪ هزار 450، گلگت بلتستان ۾ 490، آزاد ڪشمير ۾ 870 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 34 هزار 586 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بل??چستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 490 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 58 هزار 611 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 13 هزار 784 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 60، بل??چستان ۾ 24 هزار 908، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 545، اسلام آباد ۾ 80 هزار 927، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 31 هزار 411، پنجاب ?? 3 لک 37 هزار 775 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 14 هزار 158 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 20 هزار 607 آهي.