اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهٽ لاڳت گهرن جي عوام تائين پهچ لاءِ معلومات جي فراهمي ۽ درخواستن جي وصولي لاءِ موبائيل يونٽ جو افتتاح ڪيو. موبائيل يونٽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان ماڻهن کي گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن لاءِ قرضن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو. وڌيڪ اهو ته موبائيل يونٽ پرائم منسٽر هائوسنگ اسڪيم تحت قرضن لاءِ ون ونڊو آپريشن فراهم ڪندو، شروعاتي طور تي موبائيل يونٽ راولپنڊي، اسلام آباد ?? ڀرپاسي جي علائقن ۾ سهولت فراهم ڪندو، ان کانپوءِ پوري پاڪستان ۾ اهڙا موبائيل يونٽ قائم ڪيا ويندا، ان کان??وا??ِ موبائيل يونٽ ڪورونا وبا دوران بئنڪن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو