اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي حڪومت جي ايندڙ ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ راندين تي خاص ڌيان ڏ??ندو، معيشت سميت ٻين ملڪي مسئلن جي ڪري هو راندين جي لاءِ وقت نه ڏئي سگهيو. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ سوشل ميڊيا تي طلحيٰ ط??لب جي سرڪاري سرپرستي کانسواءِ اولمپڪس ۾ نمايان ڪارڪردگي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته راندين کي جيڪو وقت ڏيڻ گهرجي ها نه ڏئي سگهيس، معيشت ۽ ٻين مسئلن تي ڌيان ڏ??ڻ جي ڪري اهو وقت نه ڏئي سگهيس، آئون راندين بابت بهتر ڄاڻان ٿو، ڪرڪيٽ، هاڪي، اسڪوائش جو عروج ڏٺو، راندين ۾ پستي جو بنيادي سبب ٻن خاندانن جي حڪومت آهي جن ادارا تباهه ڪيا، انهن ن??ب ۾ پنهنجا من پسند ماڻهو ويهاري ان کي تباهه ڪيو پر اسان جي دور ۾ نيب پهريون ڀيرو وڏن ماڻهن تي هٿ وڌو جڏهن ته اهو ئي قانون آهي، بي شرمي ۽ بيدردي سان ملڪ کي ڦريو، هاڻي ان اداري انهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. وزيراعظم چيو ته راندين ۾ اسان دنيا سان مقابلو ڪري رهيا هئاسين، دنيا پنهنجي جديد ذريعن سان اڳتي وڌي رهي آهي، اسان جو مسئلو راندين جا ادارا نه ٺاهڻ آهي، اسڪوائش ۾ جان ش??ر ۽ جهانگير خان جي وڃڻ کانپوءِ اها راند اسان جي هٿن ۾ نڪري وئي ڇو ته اسان اسڪوائش جو ادارو نه ٺاهيو، اسان کي راندين جا ادارا ٺاهڻا آهن، پروفيشنلز کڻي اچڻا آهن، آخري ٻن سالن ۾ ان تي ڀرپور ڌيان ڏ??ندس. هن چيو ته سسٽم بهتر ٿيڻ جي ڪري نيوزيلينڊ ڀارت کي هارائي ڇڏيو، اسان يونين ڪائونسل جي سطح تائين ميدان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان آهستي آهستي سسٽم ٺيڪ ڪنداسين.