اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن مخصوص گروپ جي حمايت نه ڪري رهيو آهي، موجوده حالتن ۾ افغانستان ۾ سياسي مفاهمت مشڪل نظر اچي رهي آهي، افغانستان ۾ جيڪا به حڪومت ٺهندي پاڪستان ان ??ان گڏجي ڪم ڪندو، افغانستان ۾ امڪاني ڊگهي خانه جنگي جي صورت ۾ افغانستان کانپوءِ ٻيو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان هوندو، واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان فوجي اڏن جي اجازت نه ڏيندو، نٿا چاهيون ته ا??ان جي سرزمين افغانستان ۾ حملن جي لاءِ استعمال ٿئي، افغان حڪومت هر طرح جي حڪومتي ۽ انتظامي خرابين جو الزام پاڪستان تي لڳائي رهي آهي، آمريڪا جي ڪوشش رهي آهي ته طالبان ۽ افغان حڪومت ڪنهن معاهدي تي پهچي وڃن، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار غير ملڪي ميڊيا جي نمائندن ??ان ڳالهائيندي ڪيو. افغانستان جي صورتحال جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ا??ان کي اميد هئي ته افغانستان جو مسئلي جو ڪو سياسي حل نڪري ايندو پر هن وقت اهڙو مشڪل نظر اچي رهيو آهي، اهو مشڪل ان لاءِ آهي ته ڇو ته طالبان انڪار ڪري رهيا آهن، طالبان جي سينئر قيادت پاڪستان آئي هئي ۽ ا??ان کين پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن سياسي حل طرف اڳتي وڌن. هن چيو ته سياسي حل ئي افغانستان کي انتشار طرف وڃڻ کان روڪي سگهي ٿو، بدقسمتي ??ان جڏهن طالبان هتي آيا هنن اشرف غني ??ان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهن جي شرط ا??ا آهي ته جيستائين اشرف غني اقتدار ۾ آهي هو افغان حڪومت ??ان ڳالهيون نه ڪندا، وزيراعظم چيو ته 2019ع ۾ جڏهن پاڪستان طالبان کي آمريڪا ??ان ڳالهين تي راضي ڪيو هو ته مون تجويز پيش ڪئي هئي ته چونڊن کان اڳ اتي هڪ عبوري حڪومت هجڻ گهربي ??ئي ته جيئن چونڊن ۾ سڀئي ڌريون شامل ٿين، افغان حڪومت عبوري حڪومت جي خيال کي تنقيد جو نشانو بڻايو، هنن چونڊون ڪرايون ۽ صدر اشرف غني چونڊجي ويو، هن چيو ته جڏهن اشرف غني صدر چونڊجي ويو ۽ طالبان ان عمل ۾ شريڪ نه ٿيا، اشرف غني ضد ڪيو ته طالبان ساڻس ڳالهيون ڪن ۽ طالبان نه کيس ۽ نه ئي چونڊن کي تسليم ڪيو، طالبان افغان حڪومت ??ان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح ان مسئلي جنم ورتو ۽ اهو مسئلو هاڻي به جيئن جو تئين موجود آهي، وزيراعظم چيو ته افغان حڪومت سمجهي ٿي ته ا??ان وٽ ڪا جادوئي طاقت آهي ته ا??ان جيئن چاهينداسين ان تي طالبان کي راضي ڪري وٺنداسين، جڏهن آمريڪين پنهنجا فوجي واپس موڪلڻ شروع ڪيا ۽ خاص ڪري جڏهن هنن نڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ته ان کانپوءِ طالبان تي ا??ان جو اثر رسوخ انتهائي گهٽ ٿي ويو ڇو ته طالبان سمجهيو ته هنن جنگ کٽي ورتي آهي، هن چيو ته ا??ان سمجهون ٿا ته افغانستان ۾ امڪاني ڊگهي خانه جنگي جي صورت ۾ افغانستان کانپوءِ ٻيو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان هوندو. ا??ان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿينداسين، پهريون سبب اهو آهي ته افغانستان کان وڌيڪ پختون پاڪستان ۾ آهن، طالبان بنيادي طور تي پختونن جي تحريڪ آهي ۽ ان جا اثر پاڪستاني علائقن ۾ ايندا. 2003ع ۽ 2004ع کانپوءِ ائين ٿي چڪو آهي ا??ان پنهنجي پختون علائقن ۾ افغانستان جي صورتحال جي نتيجي ۾ رد عمل آيو ۽ پاڪستان کي 70 هزار جانين جو نقصان کڻڻو پيو ڇو ته ا??ان آمريڪا جي حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ا??ان جي پختون علائقن ۾ وري مسئلا پيدا ٿيندا، ستر هزار جانين ۽ معيشت کي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان ??ان گڏوگڏ ا??ان جي قبائلي علائقن مان 30 لک ماڻهن کي پنهنجي گهرن کي ڇڏڻو پيو، اها پهرين پريشاني آهي، ٻي پريشاني پناهگيرن جي آهي، ا??ان وٽ هتي پهرين ئي 30 لک رجسٽرڊ افغان پناهگير موجود آهن، ا??ان جي معيشت درست رخ ۾ گامزن آهي ۽ ا??ان ايئن هرگز نه چاهينداسين ته وڌيڪ پناهگير پاڪستان اچن ۽ ٽئين ڳالهه ا??ا آهي ته ا??ان افغانستان جي رستي وچ ايشيا ??ان رابطن جا عظيم منصوبا ٺاهيا آهن، وزيراعظم چيو ته ازبڪستان کان افغانستان ۾ مزار شريف جي رستي پاڪستان ريلوي لائن منصوبي جي سلسلي ۾ تازو ئي تاشقند ويو هو جيڪو ان پوري خطي کي پاڻ ۾ ملائيندو، افغانستان ۾ خانه جنگي جي صورت ۾ وچ ايشيا ??ان رابطن تي ٻڌل ا??ان جي معاشي ايجنڊا پوئتي هلي ويندي. هن چيو ته پاڪستان افغان عوام پاران نامزد يا چونڊيل ڪنهن به حڪومت ??ان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افعان عوام جنهن حڪومت کي به پنهنجو نمائندو سمجهندي پاڪستان ان ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول جي حوالي ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته طالبان جي ڪنٽرول جو دارومدار ان جي نوعيت تي آهي، جيڪڏهن طالبان جي ڪنٽرول ۾ سڀئي ڌريون شامل هجن ته اهو افغانستان جي لاءِ بهترين آپشن آهي، جيڪڏهن اها سڀني جي نمائنده حڪومت آهي پر جيڪڏهن اها ڪنهن هڪ ڌر جي حڪومت آهي ۽ سڄي افغانستان ۾ جنگ ٿي رهي هجي ته ا??ان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن طالبان فوجي قبضي جي نتيجي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري وٺن ٿا ته ان مان مراد ڊگهي خانه جنگي آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڇا هن وقت پهرين ترجيح افغانستان ۾ جنگ بندي هجڻ گهرجي ڇو ته شهري متاثر ٿي رهيا آهن، اها صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي جيڪڏهن جنگ جاري رهي ٿي ۽ وڏن شهرن ۾ پکڙجي وڃي ٿي، جنگ جو وڏن شهرن ۾ پکڙجڻ ??ان وڏي تعداد ۾ فوتگين جو امڪان آهي. وزيراعظم چيو ته هر قيمت تي جنگ بند ٿيڻ گهرجي ۽ دوحه ڳالهين جو پيش نظر به اهو ئي آهي، آئون ڪنهن فوجي حل جو حامي نه آهيان، هڪ سياستدان جي طور تي اهو سمجهان ٿو ته ا??ان کي سدائين سياسي حل ئي کي ڳولڻ گهرجي.