اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪستان جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم جڏهن ته ٻاهرين ملڪ دوري تي ويو هن پاڪستان جي ??وام جو وقار بلند ڪيو، تاجڪستان جو افغانستان جي ??والي سان ڪردار اهم آهي، اسان ان ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، وزيراعظم جو تاجڪستان جو دورو ٻن حصن تي ٻڌل هوندو. وزيراعظم پنهنجي ??وري دوران شنگهائي تعاون تنظيم جي 20 هين اجلاس ۽ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خان جي ??اجڪستان جي ??وري جي ??والي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??ه وزيراعظم اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي روانو ٿي ويو آهي، وزيراعظم جو دورو ٻن حصن تي ٻڌل آهي، پهرين حصي ۾ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 20 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، شنگهائي تعاون تنظيم جي ??جلاس جي موقعي تي ٻين ملڪن جا سربراهه به موجود هوندا. هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان جي ??وس جي ??در پيوٽن سان ملاقات طئي ٿي، صدر پيوٽن قرنطينه هجڻ سبب دوشنبي نه اچي رهيو آهي، صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم عمران خان جي ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات جلد متوقع آهي، هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان کي تاجڪستان جي ??در امام علي رحمانوف تاجڪستان جي ??وري جي ??عوت ڏني هئي، تاجڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان ۾ ٿيندڙ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. بزنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٿيندي. افغانستان جي ??ورتحال ان ڪانفرنس جو اهم حصو رهندي، هن چيو ته تاجڪستان جو افغانستان جي ??والي سان ڪردار اهم آهي. اسان ان ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، تاجڪستان جي ??وري دوران افغانستان ۾ مستحڪم ۽ جامع حڪومت جي ??اري ۾ اسان جي نظريي کي سگهه ملندي. هن چيو ??ه ويزن سينٽرل ايشيا پاڪستان جي فارن پاليسي جو اهم حصو آهي. اهو دورو ان لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه وزيراعظم جڏهن ته ٻاهرين ملڪ جي ??وري تي ويو هن پاڪستان جي ??وام جو وقار بلند ڪيو. تاجڪستان جو دورو به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي هوندو.