اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته طورخم ۽ چمن کان علاوه افغانستان سان سلهاڙيل باقي 5 سرحدن تي به آمدورفت جو جديد بايو ميٽرڪ نظام ۽ آن لائن ويزا شروع ڪئي ويندي ۽ هزارين ماڻهو پاڪستان ۾ ويزا وٺي آيا ۽ لاپتا ٿي ويا، اهي مهلت مان فائدو کڻندا نه ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ملڪي س??امتي جي محافظ ادارن تي تنقيد ڪندڙ اقتدار جي ??ُکايلن کي ڪجهه هٿ نه ايندو، هو پنهنجو ئي نقصان ڪندا. نواز شريف جي ??ياست ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳ??له??ن جي ڪا خبر ناهي، مفاهمت سان معاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا.
اهڙو اظهار هن نيشنل ايڪشن پلان جي ??ائزه اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته افغانستان لاءِ آن لائن ويزا جاري ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پرمٽ ۽ ٻين جي ??والي سان شڪايتون 10 ڏينهن ۾ حل ڪيون وينديون، آن لائن انٽري ۽ آن ارائيول ويزا جو نظام افغانستان سان سلهاڙيل سمورين سرحدن تي شروع ڪيون ويندو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجو نالو اِي س?? ايل مان خارج ڪرڻ جي ??رخواست ڏئي يا عدالت ذريعي رجوع ڪري، اسان سندس ڪيس جو جائزو وٺنداسين. مريم نواز طرفان ملڪي ادارن تي تنقيد جي ??والي سان سوال جي ??واب ۾ گهرو وزير چيو ته پاڪ فوج ۽ ادارا ملڪي س??امتيءَ جا ضامن آهن، انهن تي تنقيد سان اقتدار کي بُکايلن کي ڪجهه هٿ نه ايندو هو پنهنجو ئي نقصان ڪندا.
هڪ ٻئي س??ال جي ??واب ۾ گهرو وزير چيو ته پهريان هتي ڪو رڪارڊ نه هو ته سرحدن تي ڪيئن آمدورفت ٿي رهي آهي، هزارين ماڻهو ويزا وٺي آيا ۽ لاپتا ٿي ويا، اسان کين ايمنسٽي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون ته اهي درخواست ڏين ۽ ملڪ مان نڪري وڃن نه ته سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نواز شريف جي ??ياست ختم ٿي چڪي آهي جيڪڏهن وطن واپس اچڻ چاهي ته هو درخواست ڏي، 24 ڪلاڪن ۾ پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو. هڪ ٻئي س??ال جي ??واب ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز جي ??حقيقات جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳ??له??ن جي ??والي سان گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ڳ??له??ون ٿي رهيون آهن ته مون کي معلومات ناهي، ٽي ٽي پي ۾ ري گروپنگ ٿي رهي آهي، 3 کان 4 گروپ شامل ٿيا آهن، اسان مفاهمت چاهيون ٿا پر هر قسم جي ??ورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته افغانستان جي ??نساني بنياد تي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، سندن تڪليف اسان جي ??ڪليف آهي پر انهن کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو دنيا سان گڏجي ڪنداسين، اسان کي نورستان ڪنڙ سميت هر هنڌ جي ??بر آهي، اسان مفاهمت جا قائل آهيون پر ملڪ جي ??لامتيءَ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، خطي ۾ 20 سالن بعد وڏي تبديلي آئي آهي، دشمن اسان جي ??رحدن تي ڏڦيڙ ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڊالرز جي هولڊنگ تي نظر رکيل آهي، عام ماڻهوءَ کي رليف ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان تمام وڏي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جلد عام واهپي وارين شين ۽ دوائن کي سستو ڪيو ويندو.