اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ??هچ وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن پوري ملڪ ۽ خاص طور تي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ احتيا?? ۽ ??لاج جي خدمتن جي ??راهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ جي صحت جي شعبي کي طبي پيشيوار ماڻهن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ جي ڪري م??تل?? چئلينجز درپيش آهن، اميد آهي ته صحتمند جوان پروگرام ڪميونٽي جي سطح تي خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام تحت صحتمند جوان پروجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ??وجوانن جي ??عاملن واري خاص معامن محمد عثمان ڊار، گڏيل قومن جي ??اپوليشن فنڊ جي ??مائندي ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن فنڊ جي ??مائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر بختيار قادروف صحتمند جوان پروگرام بابت آگاهه ڪ??و ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان منصوبي جو مقصد نوجوانن جي شموليت جي ذريعي ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻڌايو ته صحتمند جوان پروگرام جا مقصد هيلٿ ڪوريج کي وڌائڻ ۽ نوجوانن جي ??اءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سيالڪوٽ کي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي شموليت ۽ ڪميونٽي خدمتن تي ٻڌل سمارٽ نيٽ ورڪ جي ذريعي صحت جي ڪوريج کي وڌائڻ جي ??ڪ پائليٽ پراجيڪٽ جي ??اءِ چونڊيو ويو آهي. صدر صحتمند جوان پراجيڪٽ ۾ تعاون وڌائڻ تي گڏيل قومن جي ??اپوليشن فنڊ کي ساراهيو.