اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطب?? سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئ??مي?? ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئ??مي?? ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته ربيع الاول جي مقدس مهيني ج?? گهرج آهي ته حضور صهﷺ جي تعليم ۽ ان جي حيات طيبه جي عملي سبقن مان رهنمائي حاصل ڪندي پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن جي تربيت جو اهتمام ??يو وڇي. هن چيو ته حضور صه ﷺ جي سيرت طبيه اسان جي لاءِ راهه مشعل آهي، مسلمانن جي لاءِ لازمي آهي ته هو ڪنهن جي لاءِ تڪليف جو باعث نه بڻجن. هن معاشري ۾ نفرت تي ٻڌل روين کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي الله جي مخلوق سان احسان ۽ بهترين سلوڪ سان پيش اچڻ گهرجي. اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ رستي جون رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. و??ضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطب?? سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.