اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان اف??ان??تان جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي ??اڪ??تان پاران 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج، اف??ان??تان مان ??اڪ??تان جي لاءِ اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته ??اڪ??تان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي، پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، دنيا اف??ان??تان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اف??ان??تان جي لاءِ خاص طور تي قائم بين الوزارتي رابطا سيل جي دوري ۽ اف??ان??تان جي لاءِ قائم ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قو مي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ايپڪس ڪميٽي کي اف??ان??تان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ انساني همدردي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اف??ان??تان جي لاءِ 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني وئي. امدادي شين ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، دوائون ۽ ميڊيڪل سامان ۽ سردين جي لاءِ سامان شامل آهي. ان کانسواءِ اف??ان??تان مان ??اڪ??تان اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي لاءِ مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي. انساني همدردي جي بنياد تي وزيراعظم اف??ان??تان جي لاءِ ڀارت پاران 50 هزار ميٽرڪ ٽن امدادي ڪڻڪ جيڪا ??اڪ??تان مان گذري وڃڻي آهي، جي لنگهه جي اجازت ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته علاج جي لاءِ ڀارت ۾ ڦاٿل افغانين جي ??اڪ??تان جي رستي وطن واپسي ۾ مدد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ افغانين رهواسين جي سهولت لاءِ ??اڪ??تاني ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ ٽن هفتن جي اندر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم اف??ان??تان جي امداد جي لاءِ قدمن ۽ بارڊر مئنيجمينٽ کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته افغان رهواسين جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ۽ پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، سرحدن تي مقرر اهلڪارن جي صلاحيت وڌائي وڃي ۽ سرحدن جي صوابديدي بندش نه ڪئي وڃي. ايپڪس ڪميٽي اف??ان??تان ۾ هنگامي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ??اڪ??تان حڪومت افغان رهواسين جي مدد جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم چيو ته افغان بهادر ترين قوم آهي، جن مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي، سالن جي تڪرارن کانپوءِ عالمي برادري تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها افغان عوام جي مدد ڪري ته جيئن اهي امن ۽ استحڪام جي ماحول ۾ رهي سگهن. هن چيو ته دنيا اف??ان??تان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم قومي سلامتي واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي ته هو اف??ان??تان جو دورو ڪري ۽ وفدن جي سطح تي پڻ افغان عمدارن سان امداد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون وڃن.