اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها 88 هزار هائوس??گ يونٽس کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي ته جيئن وڌيڪ نوان منصوبا شروع ڪري عوام کي آساني سان پنهنجو گهر ملي سگهي، ڪورونا جي دوران تعميراتي شعبو بند نه ڪرڻ سان 30 کان وڌيڪ صنعتن کي فائدو ٿيو جڏهن ته پاڪستان جي ??عاشي واڌويجهه 5.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي، حڪومتي قدمن سان ڳوٺاڻن آبادگارن کي انهن جي ??صلن جي رڪارڊ قيمت ملي. هو پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي آفيسرز ريزيڊنشيا ۽ پي ايڇ اي اپارٽمينتس آئي – 16 ٿري اسلام آباد جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ گ??رن جي تمام گهڻي کوٽ آهي جنهن جو بنيادي سبب اهو آهي ته پاڪستان ۾ بئنڪون ماضي ۾ گ??رن جي ??اءِ قرض نه ڏينديون هيون، ان جو هڪ سبب فور ڪلوزر لاء هو، جنهن وٽ ڪيش نه آهي ته اهو گهر خريد نه ڪري سگهندو هو، ان وٽ بئنڪ کانسواءِ ٻيو ڪو ذريعو نه هو، اسان اڍائي سالن جي ??حنت سان فور ڪلوزر لاء عدالتن مان پاس ڪرايو، پوءِ بئنڪ سان گڏ ويهي انهن کي عام ماڻهن کي قرض جي ??راهمي جي ??اءِ پنهنجي عملي جي تربيت جو چيو، هاڻي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 124 ارب رپين جي ??رض جي ??اءِ بئنڪ کي 8 مهينن ۾ درخواستون مليون آهن جن مان 40 ارب رپيا ڏنا ويا آهن، حڪومت گهٽ آمدني واري طبقي جي ??اءِ ان قرض تي رعايتون ڏئي رهي آهي، پگهاردار طبقو هاڻي ڪرائي بدران قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان بئنڪن سان گڏجي آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، يورپ سميت دنيا جي ترقياتي ملڪن ۾ مارگيج 80 سيڪڙو آهي جڏهن ته اسان وٽ هو 2 سيڪڙو کان به گهٽ هو. وزيراعظم چيو ته هائوسنگ واري وزارت پاران اپارٽمينٽس جي تعمير جو بهتر قدم کنيو ويو آهي، 88 هزار يونٽس هن وقت ٺهي رهيا اهن جن مان اڪثر 2022ع ۾ مڪمل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته تعميرات جو شعبو اهڙي صنعت آهي جيڪو سڄي ملڪ جي صنعتن کي اٿاري ٿو، 30 صنعتون سڌوسنئون ان سان واڳيل آهن، معيشت کي سڀ کان وڌيڪ مٿي اٿار??ند?? شعبو تعميرات جو آهي، ڪروونا ۾ تعميرات جي شعبي کي بند نه ڪرڻ سان ملڪ ۾ سيمنٽ ۽ سريي جو رڪارڊ وڪرو ٿيو، ان جون قيمتون ڪورونا جي ڪري وڌڻ جي باوجود تعميراتي شعبو مٿي وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي دور ۾ تيزي سان معيشت اڳتي وڌي رهي آهي، واڌويجهه جي شرح 4.37 سيڪڙو تي آهي. وزيراعظم چيو ته مهانگائي سان پگهاردار طبقو مشڪل ۾ ضرور آهي پر پورهيت جي ??گهار ۾ 40 کان 60 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو، ڳوٺاڻن آبادگارن کي انهن جي ??صل جي رڪارڊ قيمت ملي، ڪورونا جي باوجود ورلڊ بئنڪ جا 4 اشاريه غربت جي گهٽتائي جي ??شاندهي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان مشڪل هالتن ۾ به پنهنجي تعميراتي شعبي کي بند ٿيڻ نه ڏنو، ڳوٺاڻن علائقن ۾ آبادگارن جي ??دد ڪئي، برآمدي صنعت جي ??دد ڪئي جنهن سان روانگي واپار رڪارڊ ٿيو، مٽاسٽا جو ناڻو ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون رڪارڊ ٿيون. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل صحيح رخ ي هلي پيو آهي، بلومبرگ ا??ند?? 10 سالن جي ??اءِ پاڪستان جي ??عيشت کي صحيح رستي تي قرار ڏنو آهي، ان سان معاشي حالتون بهتر ٿينديون وينديون. وزيراعظم چيو ته ڪري روڊ جو منصوبو ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويو، ان کانسواءِ آئي اليون ۾ 1550 اپارٽمينٽس تعمير ڪيا پيا وڃن. هن هائوسنگ واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اها 88 هزار يونٽس کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي ته جيئن نوان منصوبا شروع ڪري ماڻهن کي پنهنجو گهر آساني سان وٺڻ ۾ مدد ملي سگهي. واضح رهي ته پاڪستان هائوسنگ اٿارتي آفيسرز ريزيڊنشيا جو بنياد 2008ع ۾ رکيو هو جڏهن ته 2016ع تائين ان منصوبي تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي، 2017ع ۾ اهو منصوبو سستي جو شڪار ٿيو، موجوده حڪومت جي اچڻ کانپوءِ ان منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو ويو.