بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وز??را??ظم عمران خان اڄ گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صد?? ۽ چين جي وز??را??ظم سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته وز??را??ظم اڄ صد?? شي جن پنگ پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شريڪ ٿيندو، اڄ وز??را??ظم سان ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻي جي منصوبن جي حوالي سان چيني سيڙپڪارن جون ملاقاتون ٿينديون، ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبي، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي آهي. وز??را??ظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وز??را??ظم اڄ چين جي صد?? پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو، وز??را??ظم عمران خان جي اڄ شام جو گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صد?? ۽ چين جي وز??را??ظم سان ملاقات ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چين ??ي سرمائي اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ٽيم پهريون ڀيرو شريڪ ٿي، پاڪستاني ٽيم جي چين جي عوام پاران شاندار آجيان ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي اظهار تي ٻڌل آهي. چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وز??را??ظم عمران خان جي ٿنڪ ٽينڪس سان به ملاقات ٿي، وز??را??ظم زور ڏنو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ت??ار آهي. هن چيو ته وز??را??ظم سڀاڻي چين جي صد?? شي جن پنگ سان ون آن ون ملاقات ڪندو، صد?? شي سان اڄ مانجهاندي ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ان ملاقات ۾ پاڪستان جي مستقبل جي لاڳاپن جي حوالي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اڄ وز??را??ظم سان پاڪستان جي اقتصادي لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.