اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ميئر پشاور جي چونڊن ۾ رد ڪيل 23113 وو??ن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته انهن چونڊن مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته تبديلي جا مخالف اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين جي مخالفت ڇو ٿا ڪن، چونڊ نتيجن موجب جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 وو??ن جي فرق سان پي ٽي آءِ جي اميدوار کان کٽيو پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل وو??ن جو انگ 23113 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي نتيجن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊبل اسٽيمپنگ ۽ ٻين سببن جي ڪر?? رد وو??ن جي مسئلي جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن تي جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ پڻ اها ئي ڳالهه سامهون آئي هئي. وزيراعظم چيو ته تبديلي جا مخالف انهي لاءِ اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين جي مخالفت ڪن ٿا ڇو ته اهي مخالف وو??ن ک?? رد ڪرائي چونڊن ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ ميئر پشاور جي اليڪشن جا چونڊ نتيجا پڻ شيئر ڪيا آهن جنهن موجب جي يو آءِ (ف) جي اميدوار انهن چونڊن ۾ 63610 جڏهن ته ??ي ٽي آءِ جي اميدوار 51523 وو?? حاصل ڪيا، اهڙي طرح جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 وو??ن جي فرق سان کٽيو پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل وو??ن جو انگ 23113 آهي.