اس??ام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) قازقس??ان جي نائب وزيراعظم مختار تلبردي چيو آهي ته مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جو حل ضر??ري آهي. قازقس??ان ۽ ايشيا گروپ جي نمائندي طور اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي قازقس??ان جي نائب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي پاڪس??ان کي بهترين ميزباني تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن وقت دنيا کي عالمي سطح تي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. روس يوڪرين تڪرار سان عالمي معيشت دٻاءُ جو شڪار آهي. هن چيو ته قازقس??ان ڪشمير مسئلي جو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو حل چاهي ٿو، ان سان گڏوگڏ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پڻ منصفاڻو حل چاهي ٿو. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن سان پائيدار لاڳاپا قازقس??ان جون ترجيحون آهن. ملڪن جو هڪ ٻئي تي دارومدار وڌي رهيو آهي. فيڪ نيوز مذهبي ۽ نسلي نفرت جو سبب بڻجي رهي آهي. افغانس??ان جي ??ور??حال تي اسان کي ڳڻتي آهي. افغانس??ان کي انساني بنيادن تي ف??ري امداد جي ضرورت آهي.