اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، پرڏيهي ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون ڏنيون وينديون. وزيراعظم هواوي مڊل ايسٽ ۽ آفريقا ريجن جي نائب صدر زي زيانگ سا?? ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پرڏيهي ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هر مڪن سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، موجوده حڪومت جو ارادو آهي ته ايندڙ سا??ن ۾ پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي جو روانگي واپار ڏيڍ ارب مان وڌائي 15 ارب ??ائ??ن وڌايو وڃي، ان ڏس ۾ هواوي ڪمپني پاران پاڪستان جي نوجوانن کي يونيورسٽي قائم ڪرڻ سميت ٻي ضروري تربيت جي فراهمي سا?? ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سا?? روزگار ۾ اضافو ۽ پاڪستاني نوجوانن خاص طور تي عورتن جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿي??دو. هن چيو ته حڪومت اي ڪامرس جي شعبي ۾ عورتن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ انهن کي سازگار ماحول جي فراهمي، تربيت ۽ سرمايو وڌائڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ هفتي ۾ ٺوس ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن حڪومت جي ان عزم کان آگاهه ڪيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ڪا ڪسر نه ڇڏيندي. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هواوي جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان سا?? ڊگهي رفاقت تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هواوي جي نائب صدر زي زيانگ وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي پاڪستان ۾ هواوي جو دائرو وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پانگ چنزيو پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.