اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن پرڏيهي وزير ب??اول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پرڏيهي وزارت ج?? عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت ج?? ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل فائديمند ۽ وسيع البنياد لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن امن، ترقي ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪندي چيو ته گڏيل احترام سان رابطو ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.