اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته پاڪ چين دوستي سڄي دنيا ۾ هڪ مثال آه??، اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ سفارتي لاڳاپن سان پاڪ چين دوستي جو آغاز ٿيو، اقتصادي لنگهه جهڙا منصوبا پاڪستان جي اندر اقتصادي خوشحالي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ سميت خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جو مظهر آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي و??ير??عظم جي خصوصي هدايت تي چيني قونصليٽ جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن و??ير??عظم شهباز شريف جو خصوصي پيغام به پڙهي ٻڌايو. وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته اڄ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيا، اڄ هڪ تاريخ جو ڏينهن آه??، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا ان لاءِ به خاص اهميت رکندڙ آه?? ته اهي ٻنهي ملڪن جي عوام سان شروع ٿيندا آه??، ٻنهي ملڪن جي عوام محبت جي لازوال رش??ي ۾ ٻڌل آه??، هن چيو ته جڏهن به چين جو ڪو به منصوبو پاڪستان ۾ ايندو آه?? ته اسان کي يقين هوندو آه?? ته اهو اسان جي فائدي لاءِ هوندو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو، اهڙا واقعا پاڪ چين لاڳاپن کي سبوت??ر ڪرڻ جي ڪوشش آه??، ان واقعي کانپوءِ و??ير??عظم شهباز شريف سيڪيورٽي ۽ انفرااسٽرڪچر ميڪينزم جو نئين سر جائزو ورتو ۽ هن وقت هو سڀني معاملن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪراچي جو واقعو پيش آيو ته و??ير??عظم شهباز شريف سڀئي مصروفيتون ختم ڪري چيني قونصليٽ آيو، و??ير??عظم پاڪ چين لاڳاپن کي سبوت??ر ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي ميڪينزم کي بحال ڪيو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پاڻ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد جو رشتو آه??، هتي ڪيترائي منصوبا آه?? جيڪي سدائين لاءِ پاڪ چين دوستي کي لازوال رش??ي ۾ جوڙيندا آه??، اطلاعات واري وفاقي وزير ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي چين جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته و??ير??عظم جي مستقل خواهش آه?? ته چين سان دوستي ۽ اعتماد جي رشتي کي نئين بلندين تائين پهچايو وڃي ۽ ان رشتي کي مضبوط بڻايو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ به ڪٽيو ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.