اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته غيرقانوني والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جو انته??ئي ظلم ۽ ڏاڍ ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي نه ٿو ٽوڙي سگهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄ??ون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي، ڪشميرين، پاڪستان ۽ عالميبرادري 5 آگسٽ جي ڀارتي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارت کي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ??وابده بڻ??ئي ۽ ان پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ??ملي قدم کڻي. 5 آگسٽ 2022ع تي استحصال ڏهاڙ?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ان موقعي تي اسان ڪشميرين جي خودمختيار?? جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي هر قسم جي ڀارتي حربي ۽ انته??ئي ظلم ۽ ڏاڍ جي آڏو ڪشميرين جي هڪ ٻئي پٺيان ٽن نسلن بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ 2019ع جا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن جي خلاف ورزي آهي جن ۾ اهو چيو ويو هو ته رياست ڄ??ون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي موجب آزاد، غيرجانبداراڻي ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ ??ماري ذريعي ڪيو ويندو، ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ بي رحم ڪاررواين، زمينن تي قبضي ۽ غيرڪشميرين جي آبادڪاري جهڙن قدمن ان گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن، بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي رياستي دهشتگردي ۾ 650 کان وڌيڪ ماڻهن جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ اهو ته ڀارت پاران بيگناهه ڪشميرين جي اظهار جي آزادي تي سخت پابنديون، جعلي مقابلا، گهيراءُ ۽ تلاشي جا آپريشن، حراستي تشدد ۽ موت، جبري گمشدگيون، سينيئر ڪشميري قيادت ۽ نوجوانن جي قيدت کانسواءِ پيلٽ گنز جي استعمال سان خاص طور تي ڪشميري نوجوانن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، گهرن کي تباهه ڪرڻ، ساڙڻ، گڏيل سزا ۽ محڪوم جي ٻين طريقن تي عملدرآمد روزانو جو معمول آهي. انهن سڀن?? جي باوجود قابض فوج جو انته??ئي ظلم ۽ ڏاڍ ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي نه ٽوڙي سگهيو. ڪشميرين، پاڪستان ۽ عالمي برادري ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کي سلامتي ڪائونسل ۾ ٽي ڀيرا اٿاريو ويو آهي. جنهن ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته هي هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي ۽ ان جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي لاڳو ٿيڻ سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته ڀارت جي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار سان ڏکڻ ايشيا ۽ خط?? جي لاءِ ??نگين خطرا آهن. خطي جا 1.5 ارب کا وڌيڪ ماڻهو امن ۽ خوشحال?? جي اها سحر ڏسڻ جا مستحق آهن جنهن کي ڀارت يرغمال بڻ??ئي رکيو آهي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان سدائين وانگر ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهندو، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارت کي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ??وابده بڻ??ئي ۽ ان پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ??ملي قدم کڻي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄ??ون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي.