ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري صوبا??ي وزير سعيد غني 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ايسٽ ت??ت ٿيندڙ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي جي شروعات پيپلز چورنگي کان ٿي، شرڪت ڪندڙن مزار قائد وي آءِ پي گيٽ ت??ئين مارچ ڪيو. ان موقعي تي صوبا??ي وزير گ??ان??ند، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، خصوصي صلاحڪار صادق ميمڻ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، ڊي سي ايسٽ راجا طارق چانڊيو، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ رحمت الله شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارن به شرڪت ڪئي. ريلي جي شروعات تي صبح 9 وڳي ڪشميرين سان يڪج??تي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪ??ي وئي. ان موقعي تي خطا?? ڪندي صوبا??ي وزير سعيد غني چيو ته اڄ سڄي پاڪستان ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ۽ ڀارتي آئين والاريل ڪشمير تي لاڳو ڪيو. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي ٻڌايون ته هي ڏينهن اسان ڇو ملهائيندا آهيون. صوبا??ي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اسان کي جيڪڏهن ڪشميرين جي آزادي گهرجي ته هڪ هزار سالن تائين به وڙهڻو پيو ته اسان وڙهنداسين، اڄ اسان جو اهو نعرو آهي ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان. انشاءَ الله اهو ضرور پورو ٿيندو. تقريب جي پڄاڻي تي اسڪول جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين قومي گيت پيش ڪيا.