سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکر ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هنيل ڪئمپ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ش??هه بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين سارسنڀال جي لاءِ لڳايل فري ??يڊ??ڪل ڪئمپ جو دورو ڪرايو ويو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ????ڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻ??ڏ سبب انفراسٽرڪچر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، متاثرين جي لاءِ 90 عمارتن ۾ عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ??يڊ??ڪل ٽيمون ۽ موبائيل اسپتالون به ڪم ڪري رهيون آهن. پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي متاثرين جي ڪافي مدد ڪئي آهي، ان کانسواءِ پ??ڪس??ان آرمي ۽ نيوي به ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن ۽ ضرورتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.