استنبول – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان ترڪيه جي فلمي صنعت جي نمائندن جي وف?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڊرامن ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جڏهن ته اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير پاڪستاني فلمن جي نمائش جي لاءِ ترڪيه ۾ فلمي ميلي ۾ پاڪستان جي شرڪت جو اعلان ڪيو. فلمي ميلي جي تاريخ جو تعين ايندڙ هفتي ترڪيه ۾ فلمي ميلي جي انعقاد جي حوالي سان اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽي نيون فلمون فيسٽيول ۾ پيش ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل منصوبن جي لاءِ فزيبلٽي تيار ڪئي ويندي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جديد ت??ين فلم پراسيسنگ ليب جي قيام ۾ تعاون، ترڪيه جي يونيورسٽين سان گڏ تعليمي نصاب ۾ فلم سازي ۽ اداڪاري جي مضمون شامل ڪرڻ جي لاءِ تعاون تي به اتفاق ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1970ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا جو ٽيون سڀ کان وڏو فلم ٺاهيندڙ ملڪ هو. هن چيو ته 2008ع ۾ فلمي صنعت جي بحالي جو ڪم شروع ٿيو، اسان ملڪي تاريخ جي په??ين فلم اينڊ ڪلچر پاليسي تشڪيل ڏني. فلمي صنعت کي ٽ??ڪس ۾ ڇوٽ، نيون فلمون ٺاهڻ جي لاءِ مالي مدد جون سهولتون ڏنيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ فلمن جي تياري تي 70 سيڪڙو تائين ٽ??ڪس ۾ رعايت ڏني وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم جي ڪهاڻي، معيار، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، قومي فلم پاليسي جو حصو آهي، ان کانسواءِ نئين سئنيما گهرن جي قيام، بحالي ۽ فنڪارن کي مراعتون ڏيڻ جي لاءِ قدم به کنيا آهن. هن چيو ته فلم ۽ سياحت جي شعبي ۾ پاڪستان جي 70 سيڪڙو نوجوانن کي شامل ڪرڻ جو هي بهت??ين موقعو آهي. نوجوانن جي لاءِ فلمي شعبي ۾ انٽرنيشنل ورڪشاپ منعقد ڪيا پيا وڃن، جنهن ۾ بهت??ين ساک جي حامين پروڊيوسرز کي گهرائينداسين. مريم اورنگزيب چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا اتريان علائقا قدرتي حسن سان مالامال آهن، ترڪيه جا فلمساز انهن قدرتي سياحتي علائقن ۾ فلمبندي ڪري سگهن ٿا. وفد ترڪيه جي فلمي صنعت پاران پاڪستان سان گڏ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪندي چيو ته ترڪيه ۾ قائم نائيدرلينڊز، ترڪيه ۽ فرانس جي بهت??ين ڪمپنين فلم پراسيسنگ ليب ۾ ٽيڪنيڪي معاونت فراهم ڪري سگهن ٿا.