اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان ج?? نڪرڻ تي عوام ۽ اتحادي پارٽين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان ک?? ٻه خوشخبريون گڏ مليون آهن، اڳ ۾ نواز شريف ??ي حڪومت، هاڻي شهباز شريف ??ي اتحادي حڪومت جي محنت سان پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري ويو آهي، الحمدالله. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) اڳ ۾ به ملڪ کي فيٽف مان ڪڍيو هو، اڄ ٻيهر پاڪستان کي عزت ملي، اتحادي حڪومت ۾ شامل سڀ پارٽيون ۽ اڳواڻ مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چيو ته مخالف ڌر ۾ هجون يا حڪومت اتحادي پارٽين ج?? ترجيح پاڪستان ج?? مفاد ۽ عزت رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خاص طور تي مبارڪباد جا مستحق آهن، ڇهن مهينن ۾ اهو ڪم ٿي ويو جيڪو گذريل چار سال ۾ نه ٿي سگهيو. هن ادارن، وزارتن ج?? لاڳاپيل عملدارن کي خراج تحسين پ??ش ڪندي چيو ته انهن ج?? مسلسل محنت جو ثمر اڄ جي ڪاميابي جي صورت ۾ قوم کي مليو آهي.