اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته ??اڪ??تان ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي هميشه قائم آهي ۽ هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو، قومون پنهنجي تهوار هميشه هڪ خاص مقصد تحت ملهائ??ند??ون آهن ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ صديون ڪوشش ڪنديون آهن، ضروري ناهي ته فوري طور تي منزل ملي وڃي، ان لاءِ بيشمار قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، ??اڪ??تان سان ڀارت جي مخالفت اها ئي آهي ته انهن ڪڏهن به ??اڪ??تان جي وجود کي تسليم ناهي ڪيو، انهن جي دلين ۾ شروع کان ئي نفرت جي باه?? ٻري رهي آهي، پوءِ اهو ڪرڪيٽ جو ميدان ئي ڇو نه هجي. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۾ ”ڪشمير هندوستان متوقع الحاق“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??اڪ??تان هميشه ڪشميرين جي موقف کي تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته ڪڏهن به ان کي ڪشمير جو مسئلو ناهي سمجهيو، بلڪه ??اڪ??تان جو مسئلو سمجهيو آهي، حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي، ڪير به اقتدار تي ويٺل هجي، ڪشمير بابت ??اڪ??تان جو موقف هميشه ساڳيو ئي رهيو آهي، ڀارت هميشه ظلم، ڏاڍ ۽ مختلف هٿ ڪنڊن سان ڪشمير جي جاگرافيائي حالتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اڄ به ڀارت جي اها پاليسي رهي آهي ته ڪشمير کي عالمي منظر تان هٽايو وڃي جنهن ڪري هو شهريت ۽ ڊوميسائيل جي قانونن ۾ تبديليون ڪري رهيو آهي. صحافي ارشد شريف بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??اڪ??تان حڪومت سڀني معاملن تي گهري نظر رکي آهي، ان موقعي تي تقريب کي صدر ڪشمير يوٿ الائنس طاهر مجاهد به خطاب ڪيو.