اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي رپ??رٽ جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سڄي دنيا جي مسجدن ۾ مناسب اسلامي لباس ۽ مٿو ڍڪي عورتن کي نماز پڙهڻ جي اجازت آهي، فيصل مسجد مذهبي ۽ سياحتي اهميت رکندڙ آهي پر مرڪزي هال ۾ نه ته عورتن جي لاءِ نماز جي جدا جڳهه آهي نه ئي ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊان نيوز جي 14 سيپ??مب?? جي خصوصي رپ??رٽ جو نوٽيس وٺندي ڪيو جنهن ۾ مسجد ۾ عورتن جي نماز پڙهڻ تي پابندي، صفائي ۽ سارسنڀال جي ناقص صورتحال ۽ مسجد جي اڱڻ ۾ پينو فقيرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. صدر چيو ته ضعيف ۽ بيمار عورتن کي لفٽ نه هجڻ جي ڪري ڏ??يائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن سوال ڪيو ته انهن پابندين کي منهن ڏيندي عورتون پن??نج?? نماز ڪيئن ادا ڪري سگهنديون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته من??نج?? راءِ ۾ عورتن کي مرڪزي هال ۾ مخصوص جڳهه تي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، عورتن کي ان عظيم مسجد جي تعميراتي خوبصورتي کي ساراهڻ جي لاءِ مرڪزي هال ۾ وڃڻ جي به اجازت هجڻ گهرجي. صدر چيو ته من??نج?? اها راءِ حرمين شريفن سميت پوري دنيا جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. سي ڊي اي ايوان صدر کي پن??نج?? رپ??رٽ ۾ ٻڌايو ته صورتحال جي بهتري لاءِ ق??م شروع ڪيا آهن، دعوته اڪيڊمي جي پاليسي تحت صرف هڪ گيلري عورتن جي لاءِ مخوص آهي، مرڪزي هال ۾ عورتن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي. صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته فيصل مسجد جا منتظم انهن مسئلن تي وڌيڪ وضاحت ڪن.