اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول ??يگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن بابت بيانيي کي تبديل ڪرڻ جي ض??ور?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ض??ور?? آهي. هن ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام جو دورو ڪيو ۽ ڊائون سنڊروم کان متاثر ماڻهن کي معاشري ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪوششن کي ساراهيو. خاتون اول ??اص طور تي شروعاتي سالن ۾ خاندان جي مدد ۽ انهن ??ي شموليت جي ض??ور?? تي پڻ ڳالهه ڪئي. هن ??صوصي ماڻهن کي قومي معيشت ۾ ضم ڪرڻ جي ض??ور?? تي زور ڏنو ته جيئن انهن ??ي تشخص کي تبديل ڪري سگهجي. خاتون اول لرننگ سينٽر ۾ ٻارن ۽ انهن ??ي والدين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڊائون سنڊروم جي شڪار ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪي ڊي ايس پي جي ڪم کي ساراهيو. ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام هڪ غير منافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جيڪا ٻارن ۽ ڊائون سنڊروم جي شڪار ماڻهن جي سارسنڀال جي طريقيڪار جي نئين سر وضاحت جي لاءِ وقف آهي. اها تنظيم گذريل 8 سالن کان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ڊائون سنڊرم جي شڪار ماڻهن کي هڪ ٺوس معاشري ۾ آزاد ۽ پيداواري زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي.