اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چترال ۾ لوڊشيڊنگ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي ق??م کنيا وڃن، چترال جي عوام کي و??يڪ اونداهين ۾ نه ٿا ر??ي سگهون. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ چترال ۾ بجلي ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن جي حل ل??ءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاور واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، پاور واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چترال مان نويد الرحمان، شهزاده افتخارالدين، عبدالولي خان، نياز احمد، شوڪت ملڪ، محمد وسيم، حاجي غفار خان، اسفند يار خان، منير احمد، منظور احمد، عمران الملڪ، محب الرحمان، سلامت خان، جاويد و??ير?? طارق نصير، محمد اعظم خان، ظفر حيات، مولانا عبدالرحمان، انعام الله، رحمت ولي شاهه ۽ خواجه راجا امان الله شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن و??ير??عظم کي چترال ۾ لوڊشيڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن و??ير??عظم جا ٻوڏ دوران چترال جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا. و??ير??عظم چترال جي سمورن مسئلن جي حل ل??ءِ لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قدمن جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم چيو ته چترال جي بجلي جي مسئلن جي حل ۾ وڌيڪ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندس. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته توانائي وارو وزير ۽ پاور وارو سيڪريٽري پشاور ۾ ان تي اجلاس ڪري جلد مون کي رپورٽ ڏين. چترال ۾ بجلي جي فرسوده پهچ نظام کي تبديل ڪري فوري طور تي جديد سسٽم لڳايو وڃي. و??ير??عظم چيو ته پاور واري وزارت خيبرپختونخواهه انرجي ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن سان گڏجي فوري حڪمت عملي طئي ڪري. چترال ۾ ترقياتي منصوبن ۽ حڪومتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائي و??ي. و??ير??عظم چيو ته چترال ۾ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي، ٻوڏ سٽيلن کي ملندڙ امداد تي فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي و??ي. پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.