اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي ڪم ??ي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جهڙو اسرندڙ ملڪ مهانگي درآمدي ٻارڻ سان ب??لي جي پيداوار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، سولر پينلز جي مرحليوار درآمد کي يقيني بڻا??و وڃي ته جيئن سستي ب??لي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سولر پينلز ۽ ان سان لاڳاپيل اوزارن جي درآمد جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪ??و وڃي. هن چيو ته گهٽ لاڳت شمسي ب??لي جي پيداوار سان ٻارڻ جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، شمسي توانائي سان ب??لي جي صارفين کي سستي ب??لي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن هدايت ڪئي ته وفاقي سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪ??و وڃي. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته 17 سرڪاري عمارتن جو ٽينڊر جاري ڪ??و ويو آهي جنهن جي لاءِ بڊز موصول ٿي چڪيون آهن، انهن بڊز جي فني جانچ اڄ مڪمل ڪئي ويندي. ان کانسواءِ وڌيڪ 50 عمارتن جا ٽينڊرز 20 اپريل تي جاري ڪيا ويندا. اجلاس کي 600 ميگاواٽ ڪوٽ ادو منصوبي جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌا??و ويو ته ان منصوبي جو ٽينڊر پڻ جاري ڪ??و ويو آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مقامي ۽ عالمي ڪمپنيون سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظا??ر ڪري رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌا??و ويو ته 1200 ميگاواٽ ۽ جهنگ ۾ 600 ميگاواٽ جي منصوبن جي حوالي سان اڳڀرائي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي 11 ڪي وي فيڊرز تي سولر هڻڻ جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌا??و ويو ته ان حوالي سان نيپرا پينچ مارڪ ٽيرف جي منظوري کانپوءِ ئي ان تي اڳڀرائي ممڪن ٿي سگهندي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.