اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته چين، پاڪستان ۽ افغانستان اسلام آباد ۾ تازي ٽي ڌريي پرڏيهي وزيرن واري ڊائيلاگ ۾ ٽه ڌريي فريم ورڪ تحت سياسي رابطن ۾ اڳڀرائي، دهشتگردي جي ??اتمي بابت تعاون ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪنيڪٽويٽي ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڌرين ڳالهه ٻولهه ۾ ٽي ٽي پي ۽ اي ٽي آءِ ايم سميت ڪنهن به شخص، گروهه يا پارٽي کي پنهنجي ??لائقن کي دهشتگرد سرگرمين ۽ ڪاررواين ج?? لاءِ استعمال ڪرڻ جي ??جازت نه ڏيڻ سميت علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو بڻجندڙ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته چين ج?? اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير ڪين گينگ پاڪستان ج?? دوري دوران پاڪستاني پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل صدارت ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ مختلف معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي ??وثيق ڪئي، گهڻ رخي تعاون ج?? لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن هڪ ٻئي جي ??نيادي قومي مفادن ??ان لاڳاپيل معاملن تي پائيدار حمايت جو ورجاءُ ڪيو. 2023ع ۾ سي پيڪ جو هڪ ڏهاڪو مڪمل ٿيڻ جي ??جيان ڪندي ٻنهي ڌرين سي پيڪ جي ??عليٰ معيار جي ??رقي جي لاءِ پنهنجي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو ته وقتي افغان پرڏيهي مولوي امير خان متقي جي قيادت ۾ افغانستان ج?? وفد پڻ پاڪستان ج?? دورو ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي ڌرين سياسي، اقتصادي، واپاري رابطن، تعليم، امن ۽ سلامتي سميت دهشتگردي جي ??اتمي جي ??عبن ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او جي ڀارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان ج?? ويزن کي اجاگر ڪيو. ممتاز زهره بلوچ چيو ته پرڏيهي وزير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ج?? خلاف ورزي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن ج?? منافي آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي ??هر گووا ۾ ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ??جلاس ۾ پاڪستان ج?? نمائندگي ڪئي. اجلاس جي ??يجنڊا ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ رابطن ج?? مسئلن سان گڏوگڏ عالمي اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي موقف تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي ??جلاس ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان ج?? موقف کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ موثر ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز ۽ ڀروسي جوڳي سپلائي چينز جي ??عمير جي ??جويز ڏني، ان سان گڏ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ علائقائي رابطن ج?? لاءِ هڪ قوت ثابت ٿي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير دهشتگردي جي لعنت جي ??اتمي لاءِ ٺوس ۽ گڏيل موقف تي زور ڏنو ۽ چيو ته سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو ته پرڏيهي وزير ايس سي او جي ??جلاس جي موقعي تي چين، روس، قزاخستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان ج?? پنهنجي هم منصبن ۽ سنگهائي تعاون تنظيم جي ??يڪريٽري جنرل سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن ج?? اجلاس پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم سان پنهنجي وابستگي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. ترجمان چيو ته 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ايس سي او جي ??مورين سرگرمين ۾ فعال ۽ تعميري طور تي حصو ورتو آهي ۽ هن شنگهائي تعاون تنظيم جي گهڻ رخي شعباجاتي ايجنڊا جي پيروي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان ڀارت جي ??يرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ج?? سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن ج?? سنگين ۽ منظم خلاف ورزين ج?? خلاف آواز ا??اريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين ج?? سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڀارت جي ??يرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي، تازن ڏينهن ۾ ڀارتي قابض فورسز راجوري، ڪپواڙه ۽ بارهمولا جي ??لعن ۾ 6 ڪشميري نوجوانن کي قتل ڪيو جڏهن ته راجوري ۽ پونڇ ضلعن ۾ محاصري ۽ تلاشي جون ڪارروايون جاري رکيون، ان دوران مقامي آبادي کي هراسان ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ڀارت جي ??يرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??لعي پلواما ۾ ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي (اين آئي اي) آزادي جي ??امي ڪارڪن فياض احمد ماگري جا 6 دڪان ضبط ڪري ورتا آهن. هن ڀارت جي ??يرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ج?? سنگين پائمالين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته انساني حقن ج??ن اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن. ترجمان چيو ته ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير مسگانو آريگا پاڪستان ج?? سرڪاري دوري تي اسلام آباد ۾ آهي، دوري دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جي ??وري جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي پڻ شروعات ڪئي وئي آهي.